اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ايجوڪيشن انڊونمنٽ فنڊ قائم ڪرڻ سان غريب خاندانن جا ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهندا، پاڪستان ايجوڪيشن انڊونمنٽ فنڊ ۾ بلوچستان جي نوجوانن جي لاءِ 20 سيڪڙو ڪوٽا رکي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان سان تعلق رکندڙ برطانيا جي ناليواري يونيورسٽي آف آڪسفورڊ ۾ آڪسفورڊ يونين جي نئين چونڊيل صدر اسرار خان ڪ??ڪڙ سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف اسرار خان ڪ??ڪڙ کي ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جو نالو روشن ڪ??ائڻ تي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته اسرار ڪاڪڙ جهڙا ب??صلاحيت نوجوان پاڪستان جي پائيدار ۽ روشن مستقبل جا ضامن ??هن. توهان جو آڪسفورڊ يونين جي صدر جي چونڊ وڙهڻ ۽ سرخر?? ٿيڻ توهان جي ثابت قدمي ۽ پختي عزم جي عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته آئون پراميد آهيان ته اسرار ڪاڪڙ ۽ ان جهڙا ب??صلاحيت پاڪستاني نوجوان اهڙي طرح عالمي سطح تي ملڪ جو نالو روشن ڪندا رهندا. بلوچستان جي پٺتي پيل علائقي سان تعلق رکندڙ نوجوانن جي اڻٿڪ محنت سان پنهنجي سمورن تعليمي مرحلن ۾ وظيفا حاصل ڪرڻ ۽ آخرڪار آڪسفورڊ يونين جهڙي اعليٰ تنظيم جو صدر چونڊجڻ فخر جوڳو آهي. پاڪستان ايجوڪيشن انڊونمنٽ فنڊ جو قيام عمل ۾ اچي چڪو آهي، ان سان غريب خاندانن جا ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهندا. پاڪستان ايجوڪيشن انڊونمنٽ فنڊ ۾ بلوچستان جي نوجوانن جي لاءِ 20 سيڪڙو ڪوٽا رکي وئي آهي. ملاقات ۾ اسرار خان ڪ??ڪڙ وزيراعظم کي آڪسفورڊ يونين ۾ خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني. اسرار خان ڪ??ڪڙ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدمن ??ي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته مون سميت پاڪستان جا سڀ نوجوان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ هر قسم جي خدمت جي لاءِ تيار آهن.
پاڪستان ايجوڪيشن انڊونمنٽ فنڊ قائم ڪرڻ سان غريب خاندانن جا ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهندا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا