اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اسرائيلي قابض عملدارن جي عهديدارن جي سربراهي ۾ سوين انتهاپسند آبادڪارن پاران مسجد اقصيٰ تي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته غزه ۾ ??ار?? نسل ڪشيءَ ختم ڪرڻ ۽ اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي جوابده ٿيڻ گهرجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته غزه جي عوام جي خلاف ??ار?? جنگ ۾ اسرائيلي قابض فو?? 40 هزار ماڻهن جو قتل عام ڪيو آهي جن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي. ترجمان چيو ته اسلام جي مقدس ترين جاين مان هڪ جي بي حرمتي ۽ عبادتگذارن جي حقن ۾ رڪاوٽ سڄي دنيا ??ي مسلمانن جي جذبن کي شديد تڪيلف پهچائي ٿي، اها حرڪت جنيوا ڪنوينشنز ۽ والاريل بيت المقدس جي تاريخي شهر جي حوالي ??ان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي کليل خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته ا??ان والاريل بيت المقدس جي عرب ۽ اسلامي ڪردار کي تبديل ڪرڻ جي مقصد ??ان اسرائيلي قبضي جي پاليسين ??ان پيدا ٿيندڙ خطري بابت اسلامي تعاون تنظيم جي خدشن جو اظهار ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها والاريل بيت المقدس ۾ مقدس جاين جي تقدس جي خلاف انهن سنگين ۽ بار بار ٿيندڙ خلاف ورزين ک?? ختم ڪرڻ، الاقصيٰ جي اسلامي تقدس جي حفاظت ۽ فلسطيني عوام جي عبادت جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فو??ي ڪارروائي ڪري.
پاڪستان پاران اسرائيلي قابض عملدارن جي عهديدارن جي سربراهي ۾ سوين انتهاپسند آبادڪارن پاران مسجد اقصيٰ تي حملي جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada