اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي ??ي ??ي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب ??ما??ات جي هم منصب شيخ محمد بن راشد المڪتوم جا آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيڻ تي ٿورا مڃيا آهن. هن چيو ته امن، ترقي ۽ خوشحالي جي سفر ۾ سدائين پاڪستان سان گڏ بيهڻ تي آئون گڏيل عرب ??ما??ات جي قيادت ۽ عزت مآب جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. مون کي يقين آهي ته گڏجي ڪم ڪري اسان پنهنجي ماڻهن جي روشن مستقبل جي تعمير ڪري سگهون ٿا. گڏيل عرب ??ما??ات (يو اي اي) جي وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي مبارڪباد واري پيغام جي جواب ۾ وزيراعظم پنهنجي آفيشل ??يڪس اڪائونٽ تي لکيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب ??ما??ات جو ڀائيچارو زندهه آباد. گڏيل عرب ??ما??ات جي وزيراعظم آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ، ترقي جا نوان موقعا ڳولڻ ۽ خوشحالي ۽ ڪاميابي جي مستقبل جي تعمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي ملڪ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي هم منصب شيخ محمد بن راشد المڪتوم جا آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيڻ تي ٿورا مڃيا
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis