اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي ??رداري بلوچستان جي سرڪاري دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو. ڪوئيٽا ايئرپورٽ ??ي بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، صوبائي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن صدر جو استقبال ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان مو??ب صدر جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ بلوچستان جو هي پهريون دورو آهي. صدر کي بلوچستان ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي ۽ کيس صوبي ۾ ترقياتي منصوبن جي حوالي ??ان پڻ آگاهه ڪيو وي??دو. صدر جي اعزاز ۾ بلوچستان جو وڏو وزير آجياڻو ڏي??دو. صدر بلوچستان جي صوبائي اسيمبلي ??ي نئ??ن چونڊيل ميمبرن سان ملاقات پڻ ڪ??دو.
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز