اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرڪاري ملڪيتي انٽرپرائيزز جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، اها ڪميٽي ڪمپنين جي انتظام ۽ انصراف جي م??املن کي اڪلائيندي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم سرڪاري ملڪيت وارين ڪمپنين جي انتظام ۽ انصراف جي م??املن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. ان ڪميٽي جو نالو ”سرڪاري ملڪيت وارين انٽرپرائيزز بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي او ايس او ايز)“ آهي. ڪميٽي جي ذميوارين ۾ سرڪاري ملڪيت وارين ڪمپنين (ايس او ايز) ايڪٽ 2023ع ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين قانونن ۽ پاليسين جي لاڳو ۽ عملدرآمد جي نگراني ڪر??، ايس او ايز جي بورڊز ۾ مقررين بابت معاملن، ايس او ايز بابت سڌارا ۽ تجويزون ڏيڻ، ايس او ايز جي م??لي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ، ايس او ايز جي لاءِ پاليسين، هدايتن ۽ گائيڊ لائينز جي تجويز ۽ ڪابينا کي سفارش ڪر??، سرڪاري ملڪيت وارين ڪمپنين کي ڪنهن به عوامي خدمت جو فرض ادا ڪر?? جي لاءِ هدايت جاري ڪر?? جي تجويز ڏيڻ ۽ ايس او ايز ايڪٽ 2023ع ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين قانونن ۽ پاليسين ۾ شامل ڪنهن به ٻئي لاڳاپيل معاملي جو جائزو وٺڻ شامل آهي. ڪميٽي جو چيئرمين ناڻي وارو وفاقي وزير هوندو جڏهن ته ميمبرن ۾ سامونڊي م??املن وارو وفاقي وزير، اقتصادي م??املن وارو وفاقي وزير، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير، هائوسنگ ا??نڊ ورڪس وارو وفاقي وزير جڏهن ته خصوصي ??عو?? تي نائب چيئرمين منصوبابندي ڪميشن ميمبر هوندو.
وزيراعظم پاران سرڪاري ملڪيتي انٽرپرائيزز جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي قائم
مضمون کا ماخذ : راکی