اسلام آباد_11 فيبروري(اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته ??ان پاڪستان جي عوام کي مبارڪ پيش ڪيان ٿو خاص طور تي عورتن کي جن شديد ڏکيائين باوجود جمهوريت جي مضبوطي لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪري پنهنجو ووٽ جو حق استعمال ڪيو،هن چيو ته ??وجوان پڻ تعريف جا مستحق آهن ج?? ووٽنگ جي عمل ۾ پر امن طريقي سان حصو ورتو. پنهنجي ٽوئٽ ۾ هن چيو ته شديد مالي بحران مان نڪرڻ ،ڏکيا فيصلا ڪرڻ ۽ ماضي جي رنجشن کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ حقيقي مينڊيٽ ضروري هو جيڪو نظر اچي رهيو آهي.اسان کي ان جوش جذبي تي جشن ملهائڻ گهرجي ۽ دنيا کي پاڪستان جو خوبصورت چهرو ڏيکارڻ گهرجي، هن چيو ته شاندار مستقبل تي اسان جو اعتماد مضبوط ٿيو ??هي ڇاڪاڻ ته ??ڏي انگ ۾ ماڻهن پنهنجي مرضي جو اظهار ڪيو آهي، شهرين کي ان عظيم ??نڊ??ٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي مڃڻ گهرجي. صدر عارف علوي دعوت ڏيندي چيو ته اچو سڀ گڏجي نئين سر تعيمر جو ڪم شروع ڪيو دنيا توهان جي منتظر آهي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران عام چونڊن ۾ ڀرپور شرڪت تي عوام کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج