اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس ج??لا??ي سان قنڌار جي گورنر ۽ افغانستان جي ملٽري انٽيلي جنس ۽ اسٽريٽجي جي نائب سربراهه حاجي ملاشيرين جي قيادت ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن بشمول امن ۽ سلامتي سان گڏوگڏ عوام سان عوام جي رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران پرڏيهي وزير افغانستان سان مسلسل رابطي ۽ گڏيل فائديمند لاڳاپن جي لاءِ ??اڪ??تان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن علائقائي واپار ۽ رابطن جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڳڻتي جي سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهمي?? تي پڻ زور ڏنو. حاجي ملاشيرين چ??ر ڏهاڪن کان لکين افغانين جي فراخدلاڻي حماي?? تي ??اڪ??تان کي ساراهيو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي رابطي ۽ ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ان کان اڳ حاجي ملاشيرين جي قيادت ۾ افغان وفد ??اڪ??تان افغانستان گڏيل رابطا ڪميٽي جي ڇهين اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. جي سي سي اجلاس ۾ ٻنهي ڌرين عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي مقصد جي لاءِ سرحد پار چرپر کي آسان بڻائڻ جي لاءِ رابطاڪاري جي طريقيڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان قنڌار جي گورنر ۽ افغانستان جي ملٽري انٽيلي جنس ۽ اسٽريٽجي جي نائب سربراهه جي قيادت ۾ وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں