اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ ۾ پوليو ڪيسز تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ??يو آهي ته اهو اسان جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي ته پوري دنيا مان پوليو جو خاتمو ٿي چڪو آهي پر پاڪستان ۽ افغانستان ۾ اهو وائرس اڃا به موجود آهي، پوليو جي خاتمي جي حوالي ??ان ايندڙ سال جو هنگامي پلان تيار ڪيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پوليو جي خاتمي بابت ٽاسڪ فورس جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صحت واري نگران وفاقي ??زي?? ڊاڪٽر نديم جان، خيبرپختونخواهه جي وڏي ??زي?? جسٽس (ر) ارشد حسين شاهه، نيشنل ٽاسڪ فورس جي اعليٰ عملدارن، چيف سيڪريٽريز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. نگران ??زي??اعظم تازو رپورٽ ٿيندڙ پوليو ڪيسز تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ??يو ته اهو اسان جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي ته پوري دنيا مان پوليو جو خاتمو ٿي چڪو آهي پر پاڪستان ۽ افغانستان ۾ اهو وائرس اڃا به موجود آهي. نگران ??زي??اعظم پوليو جي خاتمي جي لاءِ ايندڙ سال جو ايمرجنسي پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته پوليو وائرس جي حوالي ??ان هائي رسڪ يونين ڪائونسلن ۾ هنگامي بنيادن تي ٺوس پروگرام شروع ڪيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته انهن علائقن ۾ انجيڪٽ ايبل پوليو وائرس کي معمول جي اميونائيزيشن پروگرام سان ڳنڍيو وڃي. نگران ??زي??اعظم پوليو ويڪسي نيشن جي حوالي ??ان مانيٽرنگ جو نظام وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ ان سلسلي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران ??زي??اعظم ??يو ته پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ عالمي برادري ۽ ڊيولپمينٽ پارٽنرز جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. هن ??يو ته ڪوپ – 28 دوران بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ملاقات ۾ پوليو جي خاتمي ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي. هن نيشنل هيلٿ ريگيوليشن واري وزارت کي خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي جيڪا آءِ پي وي جي حوالي ??ان ورلڊ بيسٽ پريڪٽسز ۽ تحقيق جي روشني ۾ حڪمت عملي ??يار ڪندي. هن هدايت ڪئي ته معمول جي اميونائيزيشن کي فعال ڪيو وڃي. نگران ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته عالمن، استادن، والدين سميت سمورين ڌرين کي پوليو جي خاتمي جي آگاهي مهم ۾ شامل ڪيو وڃي. هن ??يو ته پوليو ويڪسين ٻار جي صحت، واڌويجهه ۽ مستقبل جي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن ??يو ته ملڪ جي ٻارن جي محفوظ ۽ صحتمند مستقبل جي لاءِ معاشري جي هر ماڻهو کي پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن هدايت ڪئي ته پوليو جي خاتمي ۾ عالمن جي اهم ڪردار تي علماءِ ڪنوينشن منعقد ڪيو وڃي. نگران ??زي??اعظم پوليو جي خاتمي واري مهم دوران پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي وڌيڪ بهتر ۽ فول پروف بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڊيره اسماعيل خان جي هائي رسڪ زون ۾ خصوصي پوليو هيلٿ ڪئمپس قائم ڪيون ويون آهن، بنون، لڪي مروت ۽ ٽانڪ جي علائقن ۾ پوليو هيلٿ ڪئمپس قائم ڪيون پيون وڃن. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پوليو جي خاتمي جي تازي مهمن ۾ هيستائين 44 ملين ٻارن جي ويڪسينيشن ڪئي وئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب، بلوچستان بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير پوليو فري آهن جڏهن ته ڏکڻ خيبرپختونخواهه جون ڪجهه يونين ڪائونسلز پوليو کان وڌيڪ متاثر آهن، ان کانسواءِ غيرقانوني طور تي رهندڙ افغانين جي واپسي جي عمل ۾ پشاور نوشهره ۽ چمن جي ريپيٽري ايشن مرڪزن ۾ پوليو ٽيمُون خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن.
پوري دنيا مان پوليو جو خاتمو ٿي چڪو آهي پر پاڪستان ۽ افغانستان ۾ اهو وائرس اڃا به موجود آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت