اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ پراڻا ??ائ??اڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثق??فت جي مضبوط بنيادن تي قائم آهن، سعودي عرب پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي آهي، سعودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستان جي افرادي قوت جي سعودي حڪومت پاران سارسنڀال مثالي آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ سان امام ڪعبه پروفيسر ڊاڪٽر شيخ صالح بن عبدالله بن حميد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزير انيق احمد، مدد علي سنڌي، نگران و??ير??عظم جو خصوصي نمائندو مولانا طاهر اشرفي، لاڳاپيل اعليٰ عملدار ۽ سعودي عرب جو پاڪستان ۾ سفير نواف بن سعيدالمالڪي پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ نگران و??ير??عظم غزه ۾ جاري معصوم فلسطينين تي ظلم ۽ ٻارن جي قتل عام جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪئي. نگران و??ير??عظم فلسطينين سان ڀرپور يڪجهتي جي اظهار ۽ غزه ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو. نگران و??ير??عظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ پراڻا ??ائ??اڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثق??فت جي مضبوط بنيادن تي قائم آهن، سعودي عرب پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي آهي. نگران و??ير??عظم پاڪستان ۾ تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ ترقي جي لاءِ سعودي تعاون تي ٿورا مڃيندي چيو ته سعودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستان جي افرادي قوت جي سعودي حڪومت پاران سارسنڀال مثالي آهي. ??ن چيو ته خادم الحرمين الشريفين ۽ ولي عهد سعودي عرب تازو ئي غزه جي صورتحال تي اسلامي سربراهي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان دنيا کي مسلمان امت پاران فلسطينين جي بنا مشروط حمايت جو واضح پيغام ڏنو. نگران و??ير??عظم غزه ۾ امدادي سامان پهچائڻ جي لاءِ فوري طور تي لنگهه قائم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. اسلامي تعاون تنظيم جي پليٽ فارم تان خبر ايجنسي قائم ڪرڻ خوش آئنده آهي، اسلامو فوبيا جي خاتمي لاءِ اسلامي تاريخ ۽ ثق??فت تي ڊاڪيومينٽريز سان نوجوان نسل کي اسان جي شاندار ماضي بابت تعليم ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. نگران و??ير??عظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسلامي تعليم، تاريخ ۽ ثق??فت تي ڊاڪيومينٽريز کي مختلف زبانن ۾ نشر ڪيو وڃي ته جيئن دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ماڻهن تائين اسلام جو صحيح پيغام پهچائڻ ۾ مدد ملي سگهي. امام ڪعبه پاڪستاني افرادي قوت جي سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار کي ساراهيو. امام ڪعبه پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻي ??ائ??اڻن لاڳاپن کي مثالي قرار ڏنو. هن نئين نسل جي اسلامي قدرن موجب تربيت تي زور ڏنو. امام ڪعبه سندس دوري دوران پاڪستان پاران شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا.
پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن