اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيل??ني چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان سمورن تڪرارن کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي جڏهن ته ڀارت کي ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي ??اپس وٺي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي پارليامينٽ ميمبرن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ ليبر فرينڊ?? آف ڪشمير يو ڪي جو چيئرمين ۽ ميمبر پارليامينٽ اينڊريو گيوين، ليبر فرينڊ?? آف ڪشمير يو ڪي جي چيئرپرسن ناز شاهه ۽ ڪشمير بابت آل پارٽي پارليام??ني گروپ (اي پي پي جي) جو وائيس چيئرمين سام ٽيري شامل هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير مظلوم ڪشميري عوام جي حمايت ۾ آواز اٿارڻ تي برطانوي پارليامينٽ ميمبرن کي ساراهيو. هن وفد تي زور ڏنو ته اهي ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انس??ني حقن جي خلاف ورزين بابت عالمي سطح تي آگاهي وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون وڌائين. هن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انس??ني حقن جي خلاف ورزين کي ختم ڪرڻ ۽ سمورن سياسي قيدين جي آزادي جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري. نگران پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ دوستي جي تعلق کي ??ضبوط بڻائڻ ۾ دورو ڪندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي ڪردار کي ??ڻ ساراهيو. وفد جي ميمبرن ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انس??ني حقن جي خلاف ورزين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
پاڪستان ڀارت سان سمورن تڪرارن کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada