اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ان يقين جو اظهار ڪيو آهي ته اسان جي مسئلن جو حل معاشي پاڻڀرائپ حاصل ڪرڻ ۾ آهي، ملڪ جي معاشي ترقي اسان جي ڪاروباري برادري جي ڪارڪردگي ۽ پيداوار سان ڳنڍيل آهي. قومي ترقي بابت منهنجو تصور حصيداري سوچ سان جُڙيل آهي جنهن ۾ سموريون ڌريون پنهنجو حصو وجهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزير??عظ?? چيو ته اڄ ڪراچي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ پاڪستان بزنس ڪائونسل سان ملاقاتن دوران واپاري برادري سان ڳالهه ٻولهه ۾ منهنجو پيغام اهو هو ته جيتوڻيڪ اها حڪومت جي ذميواري آهي ته اها هڪ سازگار ماحول ۽ وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪري، پر ملڪ جي معاشي ترقي اسان جي ڪاروباري برادري جي ڪارڪردگي ۽ پيداوار سان ڳنڍيل آهي. واپار ۽ صنعت جي اڳواڻ هجڻ جي ناطي انهن کي ڪاروبار، جد?? ۽ ??رئتمداڻي سوچ ج?? ذريعي معيار کي بلند ڪرڻ ۽ وسيع اقتصادي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. وزير??عظ?? پنهنجي حڪومت جي 16 مهينن دوران معيشت کي مستحڪم ڪرڻ، توانائي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ، مالياتي نظم ۽ ضبط کي بهتر بڻائڻ ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي فريم ورڪ تحت اقتصادي تبديلي جي لاءِ سنگ بنياد رکڻ جي لاءِ کنيل قدمن جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته ان حقيقت کان انڪار نه آهي ته اسان جي ڪاروباري برادري سنگين مشڪلاتن جي باوجود ڪارڪردگي جو مظاهر?? ڪيو آهي چئلينجن کي منهن ڏيندي انهن جي عزم ۽ حوصلي تي اسان کي فخر آهي.
اسان جي مسئلن جو حل معاشي پاڻڀرائپ حاصل ڪرڻ ۾ آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania