اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت اع??يٰ نمائندي جوزف بوريل سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير بليڪ سي گرين انيشي ايٽو (بي ??يس جي آئي) جو مدو ختم ٿيڻ تي پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪندي چيو ته ان جي نتيجي ۾ غذائي ناڻي واڌ ۽ غذائي تحفظ بابت چئلينجز پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن تي منفي اثر ڇڏيندا، جيڪي اڳ ۾ ئي معاشي دٻاءُ جو شڪار آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير چيو ته هن ان موضوع تي پنهنجي يوڪرائني ۽ ترڪ هم منصبن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ان قدم کي بحال ڪرڻ جي ڪوششون سمورين ڌرين جي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڳالهه ٻولهه ۽ تعميري مشغوليت جي ذريعي لاڀائتيُو?? ٿينديون. پرڏيهي وزير يورپي يونين جي اع??يٰ نمائندي کي درخواست ڪئي ته هو اهڙو حل ڳولڻ ۾ مدد جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري جنهن سان بي ??يس جي آئي جي تجديد ممڪن ٿئي ۽ ان سلس??ي ۾ گڏيل ڪوششن ۾ حصو وجهڻ جي لاءِ پاڪستان جي راضپي کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي اع??يٰ نمائندي ان معاملي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت اعليٰ نمائندي جوزف بوريل سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، بي ايس جي آئي جو مدو ختم ٿيڻ تي پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪيو
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena