اسلام آباد – 21 – جون (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي دعوت تي پ??هنجي فرانس جي سرڪاري دوري جي لاءِ اسلام آباد کان پيرس روانو ٿي ويو. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي فرانس جي دوري دوران گلوبل فنانسنگ پيڪٽ جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سربراهي اجلاس ??ائيدار ترقي، توانائي جي متبادل ۽ قابل تجديد ذريعن، ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مستقبل ۾ عالمي مالياتي نظام ۾ تبديلين تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ مشاورت جو فورم ثابت ٿيندو. وزيراعظم ??ربراهي اجلاس ۾ پاڪستان جي جي – 77 ۾ اهم ميمبر ۽ موسمياتي تبديلي جي خراب اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ جي سربراهه طور خطاب ڪندو. وزيراعظم پيرس ۾ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کان??وا??ِ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس جي سرڪاري دوري لاءِ پيرس روانو
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ