اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي)موجوده حڪومت زرعي شعبي تي ٻوڏ جي تباهه ڪُن اثرن ۽ مشڪلاتن کي دُور ڪرڻ لاءِ 2 هزار ارب ??پين کان وڌيڪ جو هاري پيڪيج ڏنو آهي. ناڻي وا??ي وزير بجيٽ تقرير کي خطاب ڪندي چيو ته مونکي خوشي آهي ته ان پيڪيج جا معيشت تي مثبت اثر آيا آهن. ٻوڏ جي تباهه ڪارين باوجود زرعي شعبي ۾ 1.5 سيڪڙو جي گروٿ ٿي آهي. ڪڻڪ جو بمپر ڪراپ فصل ٿيڻ سبب 28 ملين ٽن کان وڌيڪ پيداوار ٿي ۽ هاري جي آمدنيءَ ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته اسان جي ٻهراڙي جي معيشت ۾ 1500 کان 2 هزار ارب ??پيا اضافي منتقل ٿيو. ان سان ملڪ جي مجمو??ي معيشت تي مثبت اثر پوندا. بجيٽ 24-2023ع ذريعي حڪومت زرعي شعبي لاءِ رعايتن کي جاري رکڻ جو ارادو رکي ٿي. جنهن جا تفصيل اڳتي هلي پيش ڪيا ويندا. اميد آهي ته هي قدم ملڪ ۾ فوڊ سيڪيورٽي جي حوالي سان اهم ڪردار ا??ا ڪن. هن چيو ته هلندڙ مالي سال دوران ٻوڏ کان متاثر علائقا ملڪي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ا??ا نه ڪري سگهيا. حڪومت انهن علائقن ۾ بحاليءَ جو ڪم مڪمل ڪيو آهي. نئين سر تعمير لاءِ حڪومت 578 ارب ??پين جي منصوبن تي ڪم شروع ڪيو آهي ۽ انشاءَ الله ايندڙ مالي کان اهي علائقا معيشت ۾ ٻيهر پنهنجو فعال ڪردار ا??ا ڪندا.
حڪومت زرعي شعبي تي ٻوڏ جي تباهه ڪُن اثرن ۽ مشڪلاتن کي دُور ڪرڻ لاءِ 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جو هاري پيڪيج ڏنو آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا