اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پاڪستان جي پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري آئين جي گولڊن جوبلي ملهائڻ جي لاءِ هڪ مهيني تائين جاري رهندڙ سرگرميون ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جا ٿورا مڃيا ۽ ان کي مبارڪباد ڏني. هن ??يو ته اسان پنهنجو پاڻ کي انهن چئلينجن جي توسط سان متعارف نه ٿا ڪريون جن کي اسان کي منهن ڏيڻو پوي ٿو پر اسان چئلينجن جو مقابلو ڪهڙي طرح ڪريون ٿا اهو اسان جو تعارف آهي. هن ??يو ته آمرن پاران آئين کي پائمال ڪرڻ جي باوجود آخري فتح سدائين پاڪستاني عوام جي ٿي آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ??يو ته جمهوريت جي تسلسل جو سهرو پاڪستاني عوام ڏانهن وڃي ٿو. هن اهو به ??يو ته پيپلزپارٽي ڪڏهن به قانون کي پنهنجي هٿ ۾ نه ک??يو پر هن ملڪ جي خاطر ٽن نسلن جي قربانين کي ترجيح ڏني. بدترين آمريت جون آزمائشون بيان ڪندي هن ??يو ته پيپلزپارٽي سدائين جمهوري رستي جي چونڊ ڪئي آهي. پڄاڻي واري اجلاس کي خطاب ڪندي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ??يو ته هڪ پاپولسٽ سياسي افساني سياست کي يرغمال بڻائي رکيو آهي جنهن سان پاڪستان جي عوام کي شديد پريشاني درپيش آهي. هن ??يو ته پاڪستان جي عوام تشدد کي سدائين رد ڪري ٿي، ڀلي اها ڪنهن به شڪل ۾ هجي يا ڪنهن نعري تحت شروع ڪيو ويو هجي. پاڪستان جي عوام ۽ سياسي پارٽيون پارليامينٽ، اسپيڪر ۽ سمورن رياستي ادارن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪن ٿيون. هن ??يو ته امن امان جي تازي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي ڇو ته ڪجهه غيرجمهوري عنصر ملڪ کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن ??يو ته آئين کي فوجي آمرن بنا ڪنهن پڇتاءُ جي لتاڙي ڇ??يو جنهن کي عوام جي جدوجهد سان شڪست ٿي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پيپلزپارٽي جارحيت ۽ غيرائيني قدمن جي خلاف پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.
آمرن پاران آئين کي پائمال ڪرڻ جي باوجود آخري فتح سدائين پاڪستاني عوام جي ٿي آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر