اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان هنگري سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي ۽ هو هنگري سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپان کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هنگري جي دوري جي ??وقعي تي پنهنجي ??م منصب سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن، دوري دوران هنگري ۾ اعليٰ تعليم جي ??اءِ پاڪستاني شاگردن جي ??ظيفن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ت?? سندس هنگري جو دور?? پاڪستان ۽ هنگري جي ??چ ۾ لاڳاپن جي ??ڪ نئين دور جي شروعات آهي. پرڏيهي وزير دوري جي دعوت تي هنگري جي ??نهنجي ??م منصب جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ??اءِ سهولتي ڪردار ادا ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ هنگري اڄ مفاهمت جي ??ن ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون آهن، جن مان هڪ راندين ۾ تعاون، سفارتي اڪيڊمين جي ??چ ۾ تعاون قائم ٿيندو، پاڪستان ۽ هنگري جي ??ارن سروس اڪيڊميون هڪ ٻئي جي سفارتڪارن کي تربيت فراهم ڪنديُون جڏهن ته ٽئين مفاهمتي ياداشت جو تعلق هنگري جي ??ونيورسٽين ۾ پاڪستاني شاگردن جي ??اءِ دستياب اسڪالرشپس کي وڌائڻ آهي. هن چيو ته هنگري جي حڪومت جو هي قدم ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته هنگري ٻطرفن لاڳاپن جي ??اءِ اهو قدم کڻي مستقبل جي ??سلن ۽ سفارتڪارن تي انويسٽ ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ هنگري جي ??چ ۾ مفاهمت جي ان ياداشت جي ??تيجي ۾ اسڪالرشپس جو انگ 2 سئو مان وڌائي 4 سئو ٿي ويندو. هن چيو ته هاڻي پاڪستان ۽ پاڪستاني شاگرد هنگري جون وڌيڪ اسڪالرشپس حاصل ڪندا ۽ اهو هڪ اشارو آهي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان ۽ هنگري جي ??چ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي پڻ فروغ ڏنو ويندو، ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ اڄ صحيح گڏيل مشاورت ٿي آهي جنهن سان مختلف موقعا پيدا ٿيندا. پرڏيهي وزير چيو ته هنگري پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هنگري جي سفيرن جي ساليان?? ڪانفرنس کي پڻ خطاب ڪيو. سفيرن ج?? ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي مسئلن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي متحد ٿيڻ گهرجي ۽ تڪرارن کان مٿانهون ٿي ڌرتيءَ تي موجود انسان کي ماحولياتي تبديلي جي صورت ۾ درپيش گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ متحد ٿيڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي سفارتڪاري ۽ امن جو رستو نه ڇڏڻ گهرجي. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو هنگري اچڻ تي پاڪستان جي سفير آصف حسين ميمڻ ۽ هنگري جي اعليٰ عملدارن شاندار استقبال ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري دوري دوران هنگري جي ??م منصب سان ملاقات پڻ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو. ان کان اڳ ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ هنگري جي ??چ ۾ تعاون جي ??اداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون. ڪنهن به پاڪستاني پرڏيهي وزير پاران هنگري جو هي پهريون سرڪاري دورو هو.
پاڪستان هنگري سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا