اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ترڪيه ?? زلزلي سٽيلن جي امداد جي لاءِ ريليف فنڊ قائم ڪري ڇڏيو، وفاقي ڪابينا جي هڪ مهيني جي پگهار ??ڏهن ته گريڊ 18 کان گريڊ 22 جي سرڪاري آفيسرن جي هڪ ڏينهن جي پگهار ??رڪيه جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ قائم فنڊ ۾ بطور عطيو ڏني ويندي. ان ڳالهه جو فيصلو وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. وزيرا??ظم آفيس جي پريس ونگ موجب اجلاس جي شروع ۾ وفاقي ڪابينا ترڪيه ۽ شام ?? زلزلي سان ٿيندڙ تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وفاقي ڪابينا واپار ??اري وفاقي وزير سيد نويد قمر جي ڀيڻويي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. وزيرا??ظم ڪابينا کي زلزلي جي فوري پوءِ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان پنهنجي ٽيليفونڪ رابطي بابت ٻڌايو جنهن ۾ هن زلزلي سان ٿيندڙ تباهي تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه هڪ جان ٻه دل آهن، ترڪيه 2022ع جي تاريخي ٻوڏ ۾ پنهنجي پاڪستاني ڀائرن جي مدد ۾ سڀ کان اڳتي رهيو. هن چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن کي مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي، آئون پاڻ سڀاڻي زلزلي سٽيل علائقن جي دوري جي لاءِ ترڪيه روانو ٿي رهيو آهيان. وزيرا??ظم چيو ته پي آءِ اي ۽ پاڪستان ايئرفورس جون اڏامون ر??سڪ??و ٽيمون ۽ امدادي سامان کڻي ترڪيه روانيون ٿي چڪيون آهن. ر??سڪ??و اهلڪارن کانسواءِ ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊڪس پڻ امدادي ٽيمن ۾ شامل آهن جڏهن ته وڌيڪ امدادي سامان جي پهچ جاري رهندي. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ترڪه ?? زلزلي سٽيلن جي امداد جي لاءِ هڪ ريليف فنڊ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي سمورن پاڪستانين کي ان فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وجهڻ جي اپيل ڪئي. وڌيڪ اهو ته وزيرا??ظم ڪاروباري ماڻهن ۽ سرنديءَ وارن کي پڻ اپيل ڪئي ته اهي ان ريليف فنڊ ۾ عطيا ڏين. وفاقي ڪابينا متفقه طور تي ترڪيه جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ پنهنجي هڪ مهيني جي پگهار ??طور عطيو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت جي گريڊ 18 کان گريڊ 22 جي آفيسرن جي هڪ ڏينهن جي پگهار ??رڪيه جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ قائم ريليف فنڊ ۾ بطور عطيو ڏني ويندي. وزيرا??ظم چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم ان افسوسناڪ قدرتي آفت ۾ ترڪيه ۽ شام جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان پاران انهن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي صدر جي مقرري جي عمل کي نئين سر شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا ان عمل کي فوري بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت پاران موڪليل ڪريمنل لاز/ قانون فوجداري (ترميمي) بل 2023ع جي حوالي سان هڪ ڪابينا ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي جيڪا بل جي مسودي جو غور سان جائزو وٺي پنهنجي رپورٽ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪندي. ڪميٽي ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر ا??ظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار ??ياز صادق ۽ وفاقي ڪابينا ۾ موجود سمورين اتحادي پارٽين جا نمائندا شامل هوندا.
وزيراعظم پاران ترڪيه ۾ زلزلي سٽيلن جي امداد لاءِ ريليف فنڊ قائم، وفاقي ڪابينا جي هڪ مهيني جي پگهار، گريڊ 18 کان گريڊ 22 جي سرڪاري آفيسرن جي هڪ ڏينهن جي پگهار ترڪيه زلزلي سٽيلن لاءِ قائم فنڊ ۾ عطيو ڏني ويندي: وفاقي ڪابينا
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام