اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي م??نوعي ذهانت جي اخلاقي استعمال، ڊيٽا جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ۽ پاڪستان جي اعليٰ تعليمي ادارن سان علم ۽ مهارت جي آن لائين ۽ کلي حصيداري ??ي زور ڏيندي چيو آهي ته ناليواري ??المي يونيورسٽين سان حصيداري ۽ تعاون سان پاڪستاني شاگردن جي صلاحيتن کي عالمي م??يار موجب بڻائڻ ۾ مدد ملندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار يونيورسٽي آف آڪسفورڊ پاڪستان پ??وگ??ام جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چ??و ته آڪسفورڊ جهڙن عالمي ادارن ۾ پاڪستاني شاگردن جي نمائندگي انهن کي پنهنجا خيال بهتر بڻائڻ، تعليمي هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. صدر چ??و ته اهڙي طرح جي تعاون ۾ فيڪلٽي ۽ شاگردن جي مٽاسٽا، هڪ ٻئي جي تعليمي پاليسين ۽ قدمن بابت معلومات ۽ تجربن جي مٽاسٽا، سيمينارز ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ ۽ عملي جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ مختصر مدي جي تربيتي م??ڊيولز جي منصوبابندي ۽ عملدارن جا گڏيل دورا شامل آهن. صدر چ??و ته يونيورسٽي آف آڪسفورڊ ۽ پاڪستاني ادارن جي وچ ۾ مضبوط، پائيدار ۽ بامعنيٰ رابطن کي فروغ ڏيڻو پوندو، هائير ايجوڪيشن ڪميشن پنهنجي آن لائين تعليمي پاليسي جو اعلان ڪيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته آن لائين ۽ هائبرڊ تعليمي نظام سان شاگردن جي انگ ۾ اضافو ڪري ??گهبو. صدر آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ پاڪستان بابت مختلف سرگرمين تي آڪسفورڊ پاڪستان پ??وگ??ام کي ساراهيو، پ??وگ??ام آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ پاڪستاني ۽ برٽش پاڪستاني شاگردن جي نمائندگي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ان موقعي تي صدر کي ٻڌايو و??و ته آڪسفورڊ پاڪستان پ??وگ??ام اسڪالرشپ ۽ ريسرچ گرانٽس فراهم ڪري ??هيو آهي ۽ پاڪستاني فيلو پ??وگ??ام جي شروعات سان آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ پاڪستان جي نمائندگي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. صدر کي ٻڌايو و??و ته آڪسفورڊ پاڪستان پ??وگ??ام سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پنجاب سان تعلق رکندڙ معاشي طور تي پٺتي پيل شاگردن کي ترجيحي بنيادن تي وظيفا ڏيڻ جا طريقا ۽ ذريعا ڳوليندو ته جيئن صنعتي توازن ۽ شموليت کي يقيني بڻائي سگهجي.
ناليواري عالمي يونيورسٽين سان حصيداري ۽ تعاون سان پاڪستاني شاگردن جي صلاحيتن کي عالمي معيار موجب بڻائڻ ۾ مدد ملندي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena