شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 ۽ 8 نومبر 2022ع تي مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ڪلائميٽ ايمپلي م??نٽيشن سمٽ ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم ڪيترين ئي اعليٰ سطح جي تقريبن ۾ شرڪت ڪئي. مختلف ليڊرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون جڏهن ته پنهنجي هم منصبن سان ۽ عالمي م??ڊيا سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم سان گڏ وفد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيهي معاملن واري م??لڪتي وزير حنا رباني کر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، موسمياتي تبديلي واري وزير شيري رحمان، وزيراعظم جا خاص معاونين سيد فهد حسين ۽ سيد طارق فاطمي پڻ شامل هئا. ماحولياتي تبديلين بابت سربراهه اجلاس ۾ وزيراعظم ناروي جي وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطح جي گول ميز ڪانفرنس جي گڏيل صدارت ڪئي. وزيراعظم سعودي عرب جي ولي عهد ۽ پنهنجي م??زباني ۾ منعقد مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو ۾ پڻ شرڪت ڪئي. هو ماحوليات بابت ”نقصانن ۽ زيان تي قدم ۽ تعاون کي وڌائڻ ۽ ماحولياتي خطرن جي ح??الي سان عالمي ڍال“ جي م??ضوع تي هڪ اعليٰ سطح جي بريڪ فاسٽ تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيو جنهن جي جرمني جي چانسلر ۽ گهانا جي صدر گڏيل ميزباني ڪئي. وزيراعظم سمٽ ۾ قومي بيان پڻ ڏنو. وزيراعظم پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جيڪو ماحولياتي تبديلي جي م??في اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي ۽ خاص طور تي تازي م??سمياتي ٻوڏ تي ڌيان ڇڪرائيندي قومي م??قف مضبوطي سان پيش ڪيو ۽ عالمي اڳواڻن کي ماحوليات جي ح??الي سان پاڪستان جي پائيدار انداز ۾ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ تعاون جي دعوت ڏني. ماحولياتي ڪنوينشن جي جوڙيل اصولن جي رهنمائي ۾ فوري طور تي ماحولياتي قدمن جي لاءِ عالمي تعاون تي زور ڏيندي وزيراعظم چيو ته ماحولياتي ڪانفرنس جا ٺوس نتيجا نڪرڻ گهرجن ۽ موسمياتي تبديلي جي م??في اثرن کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ جرئتمنداڻا فيصلا ڪيا وڃن. ڪانفرنس جي ح??الي سان پاڪستان جي ترجيحن تي روشني وجهندي وزيراعظم اسرندڙ ملڪن ۾ موافقت رکندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ تيز رفتار ۽ متوقع مالي وسيلن جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن موسميات سان پيدا ٿيندڙ نقصانن ۽ ان کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ فنانسنگ جي سهولت تي زور ڏنو ۽ ڪوپ ايجنڊا تحت نقصانن ۽ زيان جي روڪٿام جي لاءِ فنڊنگ جي انتظامن تي باضابطا طور تي معاهدي جي آجيان ڪئي جيڪو هڪ اهم مقصد آهي جنهن تي پاڪستان گروپ 77 جي چيئرمين طور عمل ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم عالمي اڳواڻن سان رسمي ۽ غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي جن ۾ سعودي عرب ولي عهد ۽ وزيراعظم، جرمن چانسلر، مصري صدر ۽ ناروي جا وزيراعظم شامل هئا. انهن ملاقاتن دوران ٻطرفي ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ ڪوپ – 27 ۾ پاڪستان جي ماحولياتي تبديلي جي ح??الي سان کنيل قدمن کان آگاهي جي لاءِ پاڪستان پويلين ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ڪوپ – 27 جي باقاعده سرگرمي 18 نومبر 2022ع تائين جاري رهندي. گروپ 77 جي صدارت ڪندڙ جي ح??ثيت سان پاڪستان موسمياتي تبديلي بشمول ماحولياتي فنانس، موافقت، خاتمي ۽ صلاحيت جي ح??الي سان ڳالهه ٻولهه ۾ اسرندڙ ملڪن جي قيادت ڪري رهيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جو مصر جو دورو: شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ڪلائميٽ ايمپلي مينٽيشن سمٽ ۽ اعليٰ سطح جي تقريبن ۾ شرڪت، مختلف عالمي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada