اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته آبادي ۾ تيزي سان اضافي سان ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي اثر پئجي رهيا آه??، ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ قومي سطح تي هڪ وسيع البنياد مهم هلائڻ جي ضرورت آه??، ??يڊ??ا خانداني منصوبابندي تي عوامي راءِ هموار ڪرڻ، روين ۾ تبديلي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادي ۾ تيزي سان اضافي تي ??يڊ??ا نمائندن سان فڪري ويهڪ دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ٽيليويزن ٽاڪ شوز، ڊراما سيريلز ۾ آبادي جي مسئلي تي ڌيان ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو، آبادي جي مناسب انتظام جي لاءِ پارلياماني ميمبرن جي فعال ڪردار، پختي سياسي عزم جي ضرورت آه??. ه?? چيو ته عوامي آگاهي جي لاءِ آبادي ۾ اضافي تي پارلياماني ڪاڪس جي ڪارروائي کي مناسب طريقي سان اجاگر ڪيو وڃي، ??يڊ??ا پبلڪ سروس پيغامن ذريعي ملڪ ۾ آبادي جي ڳڻتي جوڳي شرح بابت بيداري پيدا ڪر??. ه?? چيو ته خانداني منصوبابندي ۽ ٻارن جي پيدائش ۾ مناسب وقفو رکڻ جي ضرورت آه??، اسلام زور ڏي ٿو ته مائرون پنهنجي ٻارن کي ٻن سالن تائين پنه??جو کير پيارين، ٻارن کي ٻن سالن تائين ماءُ جو کير پيارڻ سان ٻارن ۾ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري، غذائيت جي کوٽ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته آبادي ۾ تمام گهڻو اضافو قومي سلامتي جو مسئلو بڻجي سگهي ٿو، آبادي ۾ اضافي سان نئين نسل کي تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
آبادي ۾ تيزي سان اضافي سان ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي اثر پئجي رهيا آهن: صدر
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے