اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قانونسازي جي ذريعي محتسب جي اداري ۾ انقلابي تبديلين جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڏورانهن علائقن ۾ انتظامي ناانصافين جي خلاف بنا معاوضي انصاف جي فراهمي لاءِ وفا??ي محتسب جي پهچ وڌائڻي پوندي. ايوان صدر جي پر??س ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن وفا??ي محتسب سيڪريٽريٽ جي دوري دوران اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر کي وفا??ي محتسب اعجاز احمد قريشي متاثر ماڻهن کي بنا معاوضي انصاف جي فراهمي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته فوري انصاف جي فراهمي لاءِ قانونسازي جي مدد سان وفا??ي محتسب کي وڌيڪ مضبوط ۽ موثر بڻائڻو پوندو. صدر چيو ته بهتر طرز ح??مراني جي لاءِ ناانصافي ڪندڙ سرڪاري ادارن سان رابطا وڌائڻ سان گڏوگڏ وفا??ي محتسب جي خدمتن ۽ ڪردار بابت ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته وفا??ي محتسب جو ادارو متاثر ماڻهن کي مفت انصاف فراهم ڪري رهيو آهي. صدر کي بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته اداري 2021ع ۾ 106732 شڪايتن کي اڪلايو جڏهن ته ان کي 110398 شڪايتون ??ليون، سال 2021ع ۾ 42 هزار کان وڌيڪ آن لائين شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي، 92.7 سيڪڙو کان وڌيڪ هدايتن تي عملدرآمد ڪيو ويو ۽ 1.85 ارب رپين جي معاملن ۾ انصاف فراهم ڪيو ويو. وفا??ي محتسب صدر کي ضلعي ۽ ذيلي سطح تي انصاف جي فراهمي لاءِ پهچ وڌائڻ جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ڏورانهن علائقن جي ماڻهن جي سهولت لاءِ 14 علائقائي آفيسون ??ائم ڪيون ??يون آهن، سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ عالمي هوائي اڏن تي ون ??نڊو سهولتي ڊيسڪون ??ائم ڪيون ??يون آهن جڏهن ته وفا??ي محتسب سيڪريٽريٽ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلائي جي لاءِ صوبائي محتسب کانسواءِ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ وفا??ي محتسب جي سيڪريٽري اعجاز احمد خان، صدارتي سيڪريٽريٽ جي ڪنسلٽنٽ (قانوني معاملا) جسٽس (ر) سيد زاهد حسين ۽ وفا??ي محتسب جي سينيئر صلاحارن پڻ شرڪت ڪئي.
قانونسازي جي ذريعي محتسب جي اداري ۾ انقلابي تبديلين جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج