اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف شفاف طريقي سان هلي رهي آهي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ سميت سمورين پارٽين جي فنڊنگ جو به حساب ٿيڻ گهرجي، اڪبر ا??س بابر ن ليگ جي ايزي لوڊ تي اهو سڀ ڪري رهيو آهي، الزام لڳائيندڙن جي بياني کي هڪ دفعو ??يهر شڪست ٿي آهي، الي??شن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ??رخ حبيب چيو ته اڪبر ا??س بابر چوندو هو ته ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ ٿي آهي ته ٻڌايو ته اها ڪٿي آهي؟ اڪبر ا??س بابر چانهه جي پيالي ۾ طوفان برپا ڪيو ۽ سڀني کي گمراهه ڪيو آهي، رپورٽ جي صفحي نمبر 81 موجب اڪبر ا??س بابر پنهنجي موقف جي حق ۾ ڪي به دستاويز پيش نه ڪري سگهيو. مريم صفدر به الي??شن ڪميشن کان ٻاهر اچي چوندي آهي ته ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ ٿي پر ا?? رپورٽ ۾ اهڙو ڪجهه نه آهي، هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف صاف ۽ شفاف طريقي سان هلي رهي آهي، پارٽي کي اندروني ۽ ٻاهرين ملڪ پاڪستانين سپورٽ ڪيو، الزام لڳائيندڙن کي اوورسيز پاڪستانين کان به معافي گهرڻ گهرجي جنهن جي دل آزاري ٿي آهي، ??رخ حبيب چيو ته آئون مريم صفدر ۽ بلاول زرداري کي چئلينج ڪريان ٿو ته هو به پنهنجي اڪائونٽس جا تفصيل سامهون آڻين، ڀون داس ۽ شجاعت عظيم جو عوام کي ٻڌائين ته اهي ڪير آهن، هن چيو ته بلاول کي به 35 ڪروڙ جو حساب ڏيڻو آهي. هن چيو ته اسان جي الي??شن ڪميشن کي درخواست آهي ته جلد کان جلد اسڪروٽني ڪميٽي کي فعال ڪري ۽ پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ سميت باقي سمورين پارٽين جي فنڊنگ جو به حساب ٿيڻ گهرجي. ??رخ حبيب چيو ته مولانا فضل الرحمان جو به پتو پوڻ گهرجي ته هو ليبيا کان ڪهڙي چڪر ۾ فنڊنگ وٺي رهيو آهي، اطلاعات واري مملڪتي وزير چيو ته صرف پي ٽي آءِ اها واحد پارٽي آهي جنهن شفافيت کي نظر ۾ رکيو، هن چيو ته برطانيه ۾ ن ليگ پرائيويٽ ڪمپني جي طور تي رجسٽرڊ آهي، الي??شن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ان معاملي کي حل ڪري، ??رخ حبيب چيو ته آئون اميد ڪريان ٿو ته الي??شن ڪميشن جلد کان جلد پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي فنڊنگ جي جاچ ڪندو. هن چيو ته والٽن ڪرڪيٽ گرائونڊ جو جيڪو ذڪر ڪري رهيا آهن اهي پئسا به بئنڪ جي ذريعي آيا ان ۾ ڪا به شيءَ لڪائڻ واري نه آهي، هڪ دوستاڻو ڪرڪيٽ ميچ ٿيو اهو به پاڪستانين جي وچ ۾ کيڏيو ويو، مملڪتي وزير چيو ته اسڪروٽني ڪميٽي ۾ به ان حوالي سان ڪجهه نه نڪتو.
پاڪستان تحريڪ انصاف شفاف طريقي سان هلي رهي آهي: مملڪتي وزير فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک