پشاور – 25 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٽيڪنيڪي، آءِ ٽي ۽ ورچوئل آن لائين تعليم جو فروغ پائيدار اقتصادي واڌ ۽ ترقي جي س??ن گڏوگڏ مقامي مارڪيٽن ۽ ٻاهري?? ملڪ روزگار جي وڏن موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ اڻٽر آهي. انسٽيٽيوٽ آف مينيجمينٽ سائنسز (IMS) حيات آباد ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس جي 35 هين سالياني جنرل ميٽنگ ۽ ڪانفرنس ۾ خاص مهما?? جي حيثيت سان خطاب ڪندي هن چيو ته موجوده منظرنامي ۾ عالمي علائقائي ۽ مقامي مارڪيٽن آءِ ٽي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ عصري ورچوئل آن لائن تعليم جي شعبن ۾ تيز رفتار ترقي تي زور ڏنو، هن چيو ته اسان کي انساني وسيل?? جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ پنهنجي نوجوانن کي گهربل مهارتن سان ليس ڪرڻو آهي ته جيئن هو ملڪي ۽ عالمي منڊين کي مڪمل طور تي ڳولي سگهن. هن چيو ته عالمي ڪمپنيون پاڪستان ۾ آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جون خواهشمند آهن ۽ اسان کي هنرمند انساني وسيل?? جي ضرورت آهي جيڪي سيڙپڪارن جا مطالبن کي پورو ڪن، صدر چيو ته ملڪ ۾ تعليمي نظام ۾ هڪ مثالي تبديلي کانسواءِ جوڙيل نقطه نظر ۽ ويزن کي سگهه ڏئي سمورا معاشي هدف حاصل ڪرڻ جي سموري صلاحيت موجود آهي، هن چيو ته ڪووڊ 19 وبائي مرض دوران وزيراعظم عمران خا?? جي ذهانت ۽ درو انديشي کي عالمي س??ح تي س??راهيو ويو، هن وڌيڪ چيو ته حڪومت کي سمارٽ لاڪ ڊائو?? جي پاليسي نه رڳو لکين غريب ماڻهن کي بک ۽ بيروزگاري کان محفوظ رکيو پر ملڪ جي معيشت تي ڪورونا وائرس جي اثرن کي نمايان طور تي گهٽ ڪيو آهي. هن چيو ته تنقيد جي باوجود اسان مسجدن کي بند نه ڪيو ۽ ڪووڊ 19 جي دوران نمازين کي پنهنجي مذهبي ذميدارين کي پورو ڪرڻ جي اجازت ڏني. حڪومت جي ايس او پيز تي عملدرآمد جي پاليسي موثر ۽ انتهائي نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿي. صدر چيو ته هر صورت ۾ مالياتي فائدن کي ترجيح نه ڏيڻ گهرجي پر غريب ماڻه?? جي مدد لاءِ زندگي جي انساني رخن تي به غور ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سماجي اقتصادي عدم توازن ۽ دولت جي غير منصفاڻي ورڇ اسرندڙ ملڪن ۾ غربت جو هڪ وڏو سبب آهي جنهن کي معاشري ۾ برابري، انصاف ۽ ميرٽ کي فروغ ڏئي حل ڪري سگهجي ٿو. صدر عارف علوي چيو ته اسان کي عالمي ۽ علائقائي مارڪيٽ?? جي رجحانن ??ي نشاندهي ڪرڻ ۽ ان موجب وڌ کان وڌ سرمائي لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن خيبرپختونخوا سميت ملڪ جي واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن تي زور ڏنو ته هو سڄي دنيا ۾ نئين منڊي?? جي ڳولا لاءِ آءِ ٽي پليٽ فارمز جو استعمال ڪن، هن چيو ته سائبر سيڪيورٽي هڪ نئين چئلينج طور اڀري آهي جنهن سان نوجوانن کي جديد آءِ ٽي جي تعليم ڏئي منهن ڏئي سگهجي ٿو، صدر چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي عالمي حرڪتن کي تب??يل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسا?? جي لاءِ سڀ کان مناسب چونڊ هڪ اهڙو نسل تيار ڪرڻو آهي جيڪو مصنوعتي ذهانت ۽ سائبر سيڪيورٽي جي علم سان ليس هجي، صدر عارف علوي چيو ته افغانستان ۾ امن پاڪستان لاءِ گهڻو ضروري آهي، افغانستان ۾ امن سان ٻنهي ملڪ?? جي سيڙپڪارن ۽ واپارين کي وڏي حد تائين فائدو پهچندو.
ٽيڪنيڪي، آءِ ٽي ۽ ورچوئل آن لائين تعليم جو فروغ وقت جي اهم ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ