اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان پاڪستان ۾ مقرر بحرين جي سفير محمد ابراهيم محمد پرڏيهي وزارت ۾ ??لا??ات ڪئي. ??لا??ات دوران ٻطرفن لاڳاپن، عل??ئقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا هڪ جهڙن مذهبي ۽ ثقافتي قدرن جي بنياد تي قائم آ??ن. پرڏيهي وزير جولاءِ 2021ع ۾ ڪيل بحرين جي دوري دوران، بحريني قيادت سان ٿيندڙ ??لا??اتن جو حوالو ڏيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته بحرين ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي، ٻطرفن لاڳاپنج ي استحڪام جو مظهر آهي، پاڪستان بحرين سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي. پاڪستان ۾ مقرر بحرين جي سفير محمد ابراهيم محمد پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيندي ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪامل اءِ پنهنجي ڀرپور ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جو يقين ڏياريو. بحريني سفير منامه ڊائيلاگ جي ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت ج?? لاءِ دعوتنامو پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي کي پيش ڪيو.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان پاڪستان ۾ مقرر بحرين جي سفير محمد ابراهيم محمد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس