اسل??م آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ نوجوان ڪاروباري ماڻهن کي مناسب تربيت، سيڙپڪارن سان رابطن ۽ ضروري رهنمائي ذريعي معاونت ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نوجوان ڪاروباري ماڻه?? جي پاڪستا?? جي خوشهالي ۾ ڪردار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ صحيح پاليسيون جوڙيون ويون آهن، حڪومت ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوانن کي آسان شرطن تي ڪاروباري قرض فراهم ڪري رهي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن اسل??م آباد ۾ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر پاڪستان (اين آئي سي) بابت بريفنگ دوران ڪيو. آءِ ٽي اينڊ ٽيلي ڪام جي سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت، سي اي او اگنيسٽ عاصم شهريار، چيف ڊيجيٽل آفيسر جاز عامر اعجاز، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اين آئي سي اسل??م آباد پرويز عباسي، اين آئي ٽي بي جي نمائندن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان کي نوجوان?? جي وڏي انگ مان فائدو کڻڻ جي ضِرورت آهي ته جيئن ا??هن کي جديد آءِ ٽي تي ٻڌل مهارتن سان ليس ڪري سگهجي ۽ ملڪ ۾ ڪاروباري دوستاڻو ماحول بڻائي سگهجي. هن نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي خاص طور تي سائبر سيڪيورٽي ۽ سائبر ڊفينس ۾ تربيت ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن زندگي جي سمورن شعبن ۾ ترقي ۽ چوٿين صنعتي انقلاب جي گهرجن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سمارٽ ۽ ڊيٽا تي ٻڌل فيصلا ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ان کان اڳ صدر کي نيشنل انڪيوبيشن سينٽر (اين آئي سي) جي مختلف منصوبن ۽ ڪارڪرد??ي بابت بريف ڪيو ويو. کيس ٻڌايو ويو ته اين آئي سي باصلاحيت واپارين کي انه?? جي جديد آئيڊياز کي پائيدار ڪاروبار ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم ۽ گهربل مدد فراهم ڪري رهيو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل چئن سالن دوران اين آئي سي اسل??م آباد 230 اسٽارٽ اپس لڳايا آهن جن سان اٽڪل 22 ارب رپي?? جي آمدني ٿي آهي، ان کانسواءِ 11 هزار ک??ن وڌيڪ نوڪريون پن پيدا ٿيون آهن. صدر ملڪ ۾ انٽر پرينيورشپ کي فروغ ڏيڻ خاص طور تي عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي اين آئي سي اسٽارٽ اپس ۾ موقعا فراهم ڪرڻ جي حوالي سان اين آئي سي جي ڪوششن کي ساراهيو.
سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ نوجوان ڪاروباري ماڻهن کي مناسب تربيت، سيڙپڪارن سان رابطن ۽ ضروري رهنمائي جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2