اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول صاحب، وفاق سنڌ حڪومت کي هيستائين اين ايف سي جي مد ۾ 1900 ارب کان وڌيڪ ڏئي چڪو آهي، ٻڌايو اهو پئسو ڪٿي خرچ ٿ??و؟ توهان سنڌ حڪومت جي غفلت ۽ لاپرواهي تي سنڌ جي عوام کان ڪڏهن معافي گهري رهيا آه??و؟ سنڌ جي عوام پيپلزپارٽي کي جيڪو مينڊيٽ ڏنو اهو پورو ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام رهي، ??نڌ ۾ ڪرپشن سان گڏوگڏ صلاحيت جي به کوٽ آهي، 59 سيڪڙو ترقياتي بجيٽ استعمال نه ٿي سگهي، ??وبائي حڪومت هدف موجب 53 سيڪڙو روينيو به جمع نه ڪري سگهي ان کانپوءِ به حڪومت ڪرڻ جو ڪو جواز بچي ٿو؟ پيپلزپارٽي جو چونڊ نشان ڪرپشن هجڻ گهرجي ڇو ته هو ان کانسواءِ ڪجهه ڪرڻ جي قابل ئي نه آهي. بلاول زرداري جي بيان تي رد عمل ۽ پنهنجي ٽ??ئيٽ ۾ مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو ته بلاول همت ڪري ۽ سنڌ جي عوام کي ٻڌائي وفاقي حڪومت پاران اين ايف سي جي مد ۾ سنڌ حڪومت کي جاري ٿيندڙ 1900 ارب روپيا ڪٿي خرچ ڪيا آهن.
وفاق سنڌ کي هيستائين اين ايف سي جي مد ۾ 1900 ارب کان وڌيڪ ڏئي چڪو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری