اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلين ٽري سونامي منصوبي جي ڪاميابي لاءِ سڄي قوم کي متحد ٿي ساٿ ڏيڻو پوندو، ان جي ڪاميابي سان ماحوليات سميت معيشت، سياحت کي فروغ ملندو، آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي، ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت کي تحفظ ملندو، دنيا جا اهڙا ملڪ جيڪي ڪاربان اخراج جو وڏو سبب آهن اهي پنهنجي ذميداري پوري ڪندي غريب ملڪن کي ان کي منهن ڏيڻ لاءِ فنڊز فراهم ڪن ته جيئن هو پنهنجي ماحول کي بهتر ڪري سگهن، قومي پارڪس ۽ ٻيلن جي تحفظ لاءِ فارسٽ گارڊز جو تعداد وڌائينداسين، مقامي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪنداسين ته جيئن هو ان جي بنيادي ڌر بڻجي ان جو تحفظ ڪري سگهن، 2030ع تائين 60 سيڪڙو بجلي قابل تجديد توانائي تي منتقل ڪنداسين، پوري قوم کي گڏجي گڏيل قومن جي ايڪو سسٽم جي بحالي واري ڏهاڪي جي ڪاميابي لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي. وزيراعظم عمران خان ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد تقريب کي خاص مهمان طور خاص خطاب ڪندي چيو ته پا??ستان جي لاءِ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب جي ميزباني هڪ وڏو اعزاز آهي، کيس خوشي آهي ته تمام جلد پا??ستان ماحوليات جي حوالي سان ڪوششن ۾ عالمي نقشي تي اچي ويو آهي، دنيا هاڻي ان جو ادراڪ ڪري ٿي ته پا??ستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي ته هو پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، هن چيو ته مسلمانن ۽ پا??ستاني قوم لاءِ حضور اڪرم ﷺ جي حديث جو فهم ضروري آهي جنهن ۾ هن فرمايو ته ايندڙ دنيا لاءِ ايئن جيئو ته سڀاڻي مري وڃڻو آهي ۽ هن دنيا جي لاءِ ايئن جيئو ته هزارين سال زنده رهڻو آهي، اهو الله جو حڪم آهي ته ان جي زمين تي قدم رکو ته ان جو فڪر ڪريون ته جيڪو ڪم اسان ڪري رهيا آهيون ان جا ايندڙ نسلن تي ڪهڙا اثر پوندا. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان دنيا جي اڪثر ملڪن ان طرف ڌيان نه ڏنو، پا??ستان به انهن ملڪن ۾ شامل هو، تنهن هوندي به ڪجهه ملڪن ان جو احساس ڪيو ۽ هنن ماحوليات جو خيال رکيو، وزيراعظم چيو ته اسان خيبرپختونخوا ۾ هڪ ارب ٻوٽا لڳائڻ جو فيصلو ڪيو تڏهن اسان کي خبر پئي ته پا??ستان جي سڄي تاريخ ۾ هيستائين 64 ڪروڙ وڻ پوکيا ويا اسان خيبرپختونخوا ۾ اهو هدف پورو ڪيو، هن چيو ته اسان جي لاءِ اهو تڪليف ڏيندڙ ڳالهه هئي ته پا??ستان ۾ ڇانگامانگا، ديپالپور، تاندليانوالا ۽ چيچه وطني ۾ جيڪي ٻيلا هئا اهي به و??يا ويا، ڪنهن کي اسان جي ايندڙ نسلن جو خيال نه هو، اسان پنهنجي ??ري??ئن کي بي دردي سان آلوده ڪيو، ماضي ۾ زمان پارڪ جي ٻاهران واهه مان ماڻهو پا??ي پئيندا هئا ، باغن جي شهر لاهور ۾ آلودگي خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، هن چيو ته ايڪو سسٽم جي بحالي جو ڏهاڪو دنيا جي لاءِ هڪ موقعو آهي ته هو ماحوليات جي بهتري لاءِ قدم کڻي، الله اسان کي موقعو ڏنو آهي ته پنهنجو ماحول ٺيڪ ڪريون، اهي 10 سال اسان جي لاءِ پنهنجو رخ درست ڪرڻ جي لاءِ اهم آهن، وزيراعظم چيوته ڪاربن اخراج ۾ پا??ستان جهڙن ملڪن جو ڪردار هڪ سيڪڙو به نه آهي ان جي باوجود اسان اهو فيصلو ڪيو ته عالمي گرمي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻنداسين. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل وڏي اهم ڳالهه ڪئي آهي ته دنيا ۾ پا??ي جو بحران اچڻ وارو آهي، پا??ستان ۾ هينئر کان صوبن ۾ پا??ي جي ورڇ تي اختلاف پيدا ٿي چڪا آهن، پا??ستان جي ??ري??ئن ۾ 80 سيڪڙو پا??ي گليشيئر مان ايندو آهي ۽ اهو عالمي حدت سان متاثر ٿي رهيا آهن، جن ملڪن جو پا??ي جو دارومدار گليشيئر تي آهي انهن لاءِ وڏا مسئلا آهن، هندستان ۾ پا??ي گليشيئر کان ??ري??ئن ۾ ايندو آهي ۽ اهو به متاثر ٿيندو ۽ ان کانسواءِ وچ ايشيائي رياستن ۾ پا??ي به گليشيئر مان ايندو آهي اهو سڄو علائقو متاثر ٿيندو
بلين ٽري سونامي منصوبي جي ڪاميابي لاءِ سڄي قوم کي متحد ٿي ساٿ ڏيڻو پوندو, پاڪستان جي لاءِ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب جي ميزباني هڪ وڏو اعزاز آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa