اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خودمختياري کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي ڀرپور ۽ مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندي عالمي ب??ادري خاص طور تي گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل کي چيو آهي ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ راءِ شماري ڪرائڻ جي حوالي سان پنهنجا واعدا پورا ڪري. خودمختياري واري حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي وزيراعظم پنهنجي پيغام چيو ته ڄمون ۽ ڪشمي?? تڪرار جو سڌو سنئون ڌر هجڻ جي ناطي پاڪستان گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب گڏيل قومن ج?? اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي راءِ شماري ڪرائڻ لاءِ زور ڏيندو رهندو، ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي بنيادي انساني حقن کي ب??قرار رکڻ جي گڏيل قومن ج?? واعدي کي 72 سال پورا ٿيڻ جو ذڪر ڪندي هن چيو ته 5 جنوري 1949ع جي ڏينهن گڏيل قومن ج?? هندستان ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آءِ پي) واعدو ڪيو هو ته گڏيل قومن تحت آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ شماري جي ذريعي ڪشميرين ??ي خودمختياري وارو حق ڏنو ويندو.
عالمي برادري ۽ گڏيل قومون والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجا واعدا پورا ڪري: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil