اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??ي صدارت ۾ توانائي بابت معا??لن تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ توانائي واري وزير عمر ايوب خان، اطلاعات وارو وز??ر چوڌري ف??اد حسين، منصوبابندي وارو وزير مخدوم خسرو بختيار، توانائي وارو سيڪريٽري عرفان ??لي، توانائي بابت ٽاسڪ فورس جو چيئرمين نديم بابر، ڊاڪٽر فيض احمد چوڌري ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. توانائي جي شعبي ۾ ملڪ کي درپيش مسئلن خاص طور تي گردشي قرضن جو جائزو وٺندي وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته صرف 18 -2017ع ۾ گردشي قرضن ۾ 450 ارب روپين جو اضافو ٿيو جنهن جو بنيادي سبب ان وقت جي حڪومت جو اهو سياسي فيصلو هو جنهن تحت وزارت کي اها هدايت ڪئي وئي ته سئو سيڪڙو بجلي چوري جي علائقن ۾ به بنا رنڊڪ جي بجلي جي فراهمي جاري رکي وڃي.
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم