اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي، روينيو ۽ اقتصادي معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر مفتاح ??سم??عيل ملڪي معيشت جي حالت کي بهتر قرار ڏيندي چيو آهي ته هن سال اقتصادي ترقي جي شرح 6 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿي جڏهن ته ناڻي واڌ 3 کان 4 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڊاڪٽر مفتاح ??سم??عيل ٻڌايو ته في??رل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) پاران اوڳاڙين جي وصولي ۾ نمايان حد تائين اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته توانائي جا منصوبا پنهنجي مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلن ۾ آهن، روانگي واپار، ناڻي واڌ ?? سڌو سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن جي مدد سان مٽاسٽا جو ناڻو ملڪ ۾ اچي رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا