لاس اينجلس – 13 جنوري(اي پي پي) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلس جي ٻيلن ۾ لڳل باهه 80 ڪلو ميٽرن جي رفتار سان هلندڙ هوائن سبب وڌيڪ علائقن ۾ پکڙجي وئي آهي ۽ هوا جي رفتار 112 ڪلو ميٽرن تائين پهچڻ جي اڳڪٿي سبب باهه جو وڌيڪ علائقن تائين پکڙجڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا آمريڪا جي نيشنل ويڌر سروس جي موسميات جي ماهر روزشوئن فيلڊ جي حوالي سان ٻڌايو ته انتهائي تيز هوائن سبب حالتون ڊرامائي طور تي خراب ٿيڻ وا??يون آهن. مقامي اختيا??ين مطابق لاس اينجلس جي ٻيلن ۾ لڳل باهه وسائڻ لاءِ فائر فائٽرز، گاڏيون ۽ ٻيا اوزار شهر ۾ پهچي رهيا آهن. نيويارڪ ٽائيمز جي رپورٽ مطابق ٻيلن ۾ لڳل باهه سبب ??وت??ن جو انگ 24 ٿي ويو آهي ۽ ٻن وڏن علائقن ۾ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪيت??ين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏي??و پئجي رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج