تهران -31 ڊسمبر (اي پي پي) ايران پنهنجي موقف ۾ شام ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل حڪومت جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آ??ي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي گذريل ڏينهن پنهنجي عمان جي هم منصب بدر البوسعيد سان گڏيل پريس ڪانفرنس دوران چيو ته اسان هڪ ا??ڙي حڪومت جو مطالبو ڪيون ٿا جنهن ۾ سموريون شام جون ڌريون شامل هجن. هن سلامتي ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ سان گڏو گڏ شام جي علائقي سلامتي ۽ خودمختياري ۽ ورڇ کي رد ڪرڻ جي اهميت تي به زور ڀريو. هن شام جي اندروني معاملن ۾ عدم ??داخلت تي زور ڀريو. هن عبوري انتظاميه تي زور ڀريو ته سمورين قومن جو احترام ڪيو وڃي. سندس حقن جي ضمانت ڏني وڃي. هن شام جي زمينن تي اسرائيلي قبضي کي ختم ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو.
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ