واشنگٽن – 08 مارچ (اي پي پي) آمريڪا خبردار ڪيو آهي ته ايران گڏيل قومن جي ايٽمي توانائي ايجنسي سان سهڪار ڪرڻ کان انڪار ڪري ان جي ڪم ۾ رڪاوٽ وجهندو رهندو ۽ ايجنسي طرفان ڪيترن ئي سالن کان گهربل يورينيم جي ??شا??ن جي وضاح?? نه ڏيندو ته ان خلاف ٺهراءُ آندو ويندو. العربيا اردو مط??بق انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي 35 ملڪي بورڊ آف گورنرز جي ٽه ماهي اجلاس ۾ آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ايران کان ايجنسي جي معائنو ڪندڙن سان سهڪار ڪرڻ جو مط??لبو ڪيو آهي. آمريڪا ڪونسل جي اجلاس ۾ چيو ته اسانکي يقين آهي ته اسان ان هنڌ پهچي ويا آهيون جتي اسانکي ۽ عالمي برادري کي ان بابت سوچڻ گهرجي ته ايران کي ڪهڙو جواب ڏ??و وڃي. اسان ايران جي موجوده طرز عمل کي جاري رکڻ جي اجازت نٿ?? ڏئي سگهون. آمريڪا ۽ ان جي ٽن وڏن اتحادين برطانيا، فرانس ۽ جرمني هڪ ڀيرو ٻيهر هلندڙ هفتي ٿيندڙ اجلاس ۾ ايران خلاف ٺهراءُ نه آڻڻ جي چونڊ ڪئي، پر آمريڪا چيو ته جيڪڏهن ايران جلدي ضروري سهڪار فراهم نه ڪيو ته هو ڪاروائي ڪندو.
آءِ اي اي اي جي ڪم ۾ رڪاوٽ رهي ته ايران خلاف ٺهراءُ آڻينداسين: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان